اياز شاهه

اياز شاهه

اياز شاهه

اياز شاهه: ڪمپيوٽر انجنيئر اياز شاهه ولد امان الله شاهه بخاري، حيدرآباد ۾ 22 آگسٽ 1967ع تي جنم ورتو. هن جا وڏا اصل پراڻي سکر جا هئا، بعد ۾ لڏي هيرآباد، حيدرآباد ۾ اچي رهيا. ڪجهه عرصي کان پوءِ انهن لطيف آباد ۾ مستقل رهائش اختيار ڪئي. اياز شاهه انٽر سائنس، ڊگري ڪاليج لطيف آباد مان ڪئي ۽ 1992ع ۾ اين. اي. ڊي يونيورسٽي ڪراچيءَ مان اليڪٽرانڪس ۾ بي. اِي (B.E) ڪيائين. هن نوجوان 1993ع کان سنڌي ڪمپيوٽر جي دنيا ۾ وڏو انقلاب آندو ۽ پنهنجي پيشرو عبدالماجد ڀرڳڙيءَ ۽ ٻين جي محنتن کي تسلسل ڏنو ۽ اڳتي وڌايو. شروعاتي دؤر ۾ (1996ع ۾) هي عوامي آواز، عبرت ۽ ٻين سنڌي اخبارن جو ڪنسلٽنٽ رهيو، ان دؤر ۾ جيئن ته ڪمپيوٽر به مهانگا هئا ۽ سنڌيءَ جو ورجن اڃا متعارف نه ٿيو هو، هن تمام گھڻي محنت ڪري سنڌيءَ جو ورجن ٺاهيو، ان بعد جڏهن ’ونڊوز 98‘ پاران ’ان پيج‘ متعارف ڪرايو ويو ته اُتي به سنڌيءَ ۾ ڪم شروع ڪيو، ان دوران قاضي اسلم ۽ ڊاڪٽر جبار خٽڪ ساڻس ڀرپور سهڪار ڪيو. هن نوجوان ڪمپيوٽر انجنيئر، IBM ڪمپيوٽر تي سنڌي ٻوليءَ کي متعارف ڪرائي وڏو ڪارنامو سرانجام ڏنو ۽ هن وقت 100 سيڪڙو سنڌي اخبارن ۾ ڪمپوزنگ لاءِ IBM جو استعمال هلي رهيو آهي. يونيڪوڊ بنياد وارن ڪمپيوٽرن ۾ پهريون ڀيرو سنڌي رسم الخط کي متعارف ڪرائڻ لاءِ هن نوجوان انجنيئر يونيڪوڊ سسٽم جو مطالعو ڪري، يونيڪوڊ بنياد وارو فانٽ تيار ڪيو، جنهنڪري هاڻي سڄي دنيا ۾ اسان (ٽيڪسٽ) موادي صورت ۾ سنڌيءَ ۾ لکپڙهه (E-mail) ڪري سگهون ٿا. هن وقت اياز شاهه ’بيٽر بزنس سسٽم‘۽ ’ڊيٽالنڪ‘ جي نالي سان ڪمپيوٽر جي دنيا ۾ ٻه ادارا هلائي رهيو آهي. اياز شاهه سنڌي اخبارن کان سواءِ ادبي ۽ علمي ادارن سان لاڳاپيل رهيو آهي ۽ سنڌي لئنگئيج اٿارٽيءَ جي ڪمپيوٽر ڪاميٽي تي سرگرم ميمبر رهيو ۽ اٿارٽيءَ جي انفرميٽڪس شعبي سان ڀرپور سهڪار ڪندو رهيو آهي. اياز شاهه ڪجهه وقت دبئيءَ ۾ به پنهنجو ڪاروبار شروع ڪيو هو.


لفظ اياز شاههھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

  عيسوي


1967.08.22  عيسوي

اياز شاهه حيدرآباد ۾ 22 آگسٽ 1967ع تي جنم ورتو



شخصيتون - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

شاهه حيدر سنائي سيد
حڪيم محمد صادق راڻيپوري
بخشڻ سومرو
راجا هرش
جوڻيجو حيدر خان
خير بخش مري نواب
صاحب بن عبدالرحمان
پارس عباسي
امداد علي شاهه ڄاموٽ
جاويد قاضي
شخصيتون ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون